عمر بن خطاب فهرست نالو ۽ نسب شروعاتي زندگي سنت حضرت عمر هجرت عادتون شهادت حوالو حوالا خارجي ڳنڍڻا رھنما مينيوستاريخ خلفاءسيرت امير المؤمنين عمر بن خطاب (ت
خليفاشخصيتونعمر بن خطابعرب شخصيتوننو مسلمين588ء جون پيدائشون644ء جون وفاتونستين صدي جا خليفامقتول خليفا
ابوبڪرصدیقمحمد صلي الله عليه و آله وسلممرهعديمڪيمسجدبيت المالعبدالله بن عمرابو لولو فيروزَمسجد نبويحضرت عثمانامير المومنينسانچو:خلفاء راشدين2سانچو:وزير صحابهسانچو:خلفاء راشدينسانچو:صحابه
عمر بن خطاب
Jump to navigation
ڳولا ڏانهن هلو
| عمر | |
|---|---|
![]() | |
عهد فاروقي ۾ اسلامي سلطنت | |
| (امير المؤمنين) | |
| پورو نالو | عمر بن خطاب (عمر ابن الخطاب) |
| عهد | 23 آگسٽ 634ع – نومبر 7 644ع |
| پيدائش | 586ع-590ع |
| پيدائش جي جڳهه | مڪو مڪرم، عرب |
| وفات | 7 نومبر [[644ء|]] () |
| وفات جي جڳهه | مدينو منور، عرب |
| دفن ٿيڻ جي جڳهه | مسجد نبوي، مدينو منور |
| پيشرو | [[ابو بڪر|ابوبڪر سانچو:رض مذ]] |
| جانشین | [[عثمان ابن عفان|عثمان سانچو:رض مذ]] |
| والد | خطاب بن نفیل |
| والده | حنتمه بنت ھشام بن المغيره |
| ڀاءُ | زيد بن خطاب |
| ڀيڻ | فاطمه بنت خطاب |
| شريڪ حيات | ۔زينب بنت مظعون ۔ ام ڪلثوم بنت علي ۔ قريبه بنت ابي اميه ۔ ام حڪيم بنت حارث ۔ ام ڪلثوم ۔ عاتڪه بنت زيد بن عمر بن نفيل ۔ لهيا ۔ فقيها |
| پُٽَ | ۔ عبدالله ۔ عبد الرحمٰن ۔ عبيدالله بن عمر ۔ زيد بن عمر ۔ عاصم ۔ عياض بن عمر ۔ الزبير بن بڪر (ابو شهاما) |
| ڌيئرون | ۔ حفصه ۔ فاطمه ۔ زينب |
| آل | فاروقي |
| لَقَبَ | ۔ الفاروق (سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق ڪرڻ وارو) ۔ امیر المؤمنین ( مومنن جو امير) [1] |
اسلام تي مضمونن جو سلسلو |
| اسلام |
|---|
عقيدا
|
عمل
|
متن ۽ قانون
|
تاريخ
|
ثقافت ۽ سماج
|
لاڳاپيل مضمون
|
|
عمر فاروق، پهرين خليفي ابوبڪرصدیق کان پوء مسلمانن جو ٻيون خليفو هيو۔ ان جي دور ۾ اسلامي مملڪت 28 لک مربع ميل جي رقبي تائين ڦهلجي وئي۔
فهرست
1 نالو ۽ نسب
2 شروعاتي زندگي
3 سنت حضرت عمر
4 هجرت
5 واقعا
5.1 عادتون
5.2 شهادت
5.3 حوالو
5.4 حوالا
5.5 خارجي ڳنڍڻا
نالو ۽ نسب
پاڻ جن جو نالو مبارڪ عمر آهي ۽ لقب فاروق، ڪنيت ابو حفص، لقب ۽ ڪنيت ٻئي محمد صلي الله عليه و آله وسلم جون عطا ڪيل آهن۔ آپ رضي الله عنه جو نسب نائين پشت ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم سان وڃي ملندو آهي۔ پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جي نائين پشت ۾ ڪعب جا ٻه پُٽَ آهن مره ۽ عدي۔ رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم مره جي اولاد مان آهن، جڏهن ته حضرت عمر رضي الله عنه عدي جي اولاد مان آهن۔
شروعاتي زندگي
پاڻ رضي الله تعالٰي عنه مڪي ۾ پيدا ٿيا ۽ انهن چند ماڻهن مان هيا جيڪي لکي ۽ پڙهي سگهندا هئا۔
جڏهن حضور اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏني ته حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جي سخت مخالفت ڪئي۔ پاڻ صلي الله عليه و آله وسلم جي دعا سان حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه اسلام قبول ڪريو۔ ان لاء پاڻ کي مراد رسول به چيو ويندو آهي.
سنت حضرت عمر
حضرت عمر بن خطاب جي متعلق مولوي شبلي نعماني الفاروق ۾ لکي ٿو ته عرب جو مشهور مرثيه خوان مهتمم بن نوير پاڻ جن جي خدمت ۾ آيو ته انهن فرمائش ڪئي ته زيد (پسر عمر بن خطاب) جو مرثيو لک مونکي تو وانگر چوڻ اچي ته مان پاڻ لکان۔
هجرت
هجرت جي موقعي تي مڪي جي ڪافرن جي شر کان بچڻ جي لاء سڀن خاموشي سان هجرت ڪئي پر پاڻ جن جي غيرت ايمانيءَ لڪي هجرت ڪرڻ گوارو نه ڪيو.پاڻ جن تلوار هٿ ۾ ڪئي ڪعبي جو طواف ڪيو ۽ ڪافرن جي مجمع کي مخاطب ٿي چيو ته " توهان مان جيڪڏهن ڪوئي شخص هي چاهيندو هجي ته ان جي زال بيوه ٿر وڃي ان جا ٻار يتيم ٿي وڃن ته اهو مڪي کان باهر اچي منهنجو رستو روڪي ڏيکاري" پر ڪنهن ڪافر جي هممت نه ٿي جو پاڻ جن جو رستو روڪي سگهي.
واقعا
هو هڪ حاڪم هيو۔ هو هڪ دفعي مسجد ۾ منبر رسول تي بيهي خطبو ڏئي رهيو هيو ته هڪ غريب شخص اٿي بيٺو ۽ چيو اي عمر اسان تنهنجو خطبو ان وقت تائين نه ٻڌنداس سنیں جيستائين تون هي نه ٻڌائيندي ته هي تون جيڪو ڪپڙو پاتو آهي اهو وڌيڪ آهي جڏهن ته بيت المال مان جيڪو ڪپڙو مليو هيو اهو ان کان تمام گهٽ هيو۔تو عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه چيو ته مجمع ۾ منهنجو پٽ عبداللہ موجيد آهي، عبدالله بن عمر بيهي رهيو۔ عمر فاروق رضي الله تعالٰي عنه چيو ته پٽ ٻڌاء ته تنهنجي پيءُ هي ڪپڙو ڪاڏانهن آندو آ نه ته قسم آهي ان ذات جو جنهن جي قبضي ۾ منهنجي جان آهي مان قيامت تائين هن منبر تي نه چڙهندس۔ حضرت عبدالله رضي الله تعالٰي عنه ٻڌايو ته بابا کي جيڪو ڪپڙو مليو هيو اهو تمام گهٽ هيو ان سان ان جو پورو ڪپڙو نه ٺهي سگهي ها۔ ۽ ان وٽ جيڪو پائڻ جي لاء لباس هيو اهو تمام پراڻو ٿر چڪو هيو۔ ان لاء مان پنهنجو ڪپڙو پنهنجي والد کي ڏئي ڇڏيو۔
ابن سعد فرمائن ٿا ته اسان هڪ ڏينهن حضرت امير المؤمنين رضي الله عنه جي دروازي تي ويٺا هياس ته هڪ ڪنيز گزري ۔ ڪجهه چوڻ لڳا ته هر ٻانهي حضرت جي آهي۔ پاڻ (حضرت عمر رضي الله عنه) فرمايو ته امير المؤمنين کي ڇا حق آهي ته هو خدا جي مال مان ٻانهي رکي۔ منهنجي لاء صرف ٻه جوڙا ڪپڙا هڪ گرمي جو ۽ ٻيون جهاڙي جو ۽ اوسط درجي جو کاڌو بيت المال مان وٺڻ جائز آهي۔ باقي منهنجي اها ئي حيثيت آهي جيڪا هڪ عام مسلمان جر آهي۔ جڏهن پاڻ ڪنهن بزرگ کي عامل بڻائي موڪليندا هئا ته هي شرطون ٻڌائيندا هئا :
1-گهوڙي تي ڪڏهن نه سوار ٿيجان۔
2-عمدو کاڌو نه کائجان۔
3-ڊگهو ڪپڙو نه پائجان۔
4-حاجت مندن جي داد رسي ڪرجان۔
جيڪڏهن ان جي خلاف هوندو ته سزا ڏيندا هئا۔
عادتون
حضرت عمر حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه کان به ٻين صحابن وانگرمشورو ڪرندا هئا صحيح بخاری جي روايت جي مطابق حضرت عمر رضي الله تعالٰي عنه جي شهادت کان پوء جڏهن حضرت علي رضي الله تعالٰي عنه آيو ته فرمايائون ته ما ان جي اعمال نامي سان گڏ الله سان ملندم۔
شهادت
هڪ غلام ابو لولو فيروزَ پاڻ جن کي فجر جي نماز ۾ مسجد نبوي ۾ خنجر سان حملو ڪيو ۽ ٽن جڳهن تي وار ڪيو۔ پاڻ ان زخمن کي نه صحيح سگهيا ۽ دنياء فاني مان ڪوچ ڪري ويا۔ پاڻ جن جي اتفاق راء سان حضرت عثمان کي امير المومنين منتخب ڪيو ويو۔
حوالو
↑ محمد, ابن سعد (830-840 BCE). طبقات الڪبريٰ. pp. باب 3 صفحو 281.
حوالا
خارجي ڳنڍڻا
تاريخ خلفاء بقلم جلال الدين سيوطي
سيرت امير المؤمنين عمر بن خطاب (سانچو:رض مذ) بقلم شيخ سيد محمد يحييٰ الحسيني النينوي۔
سانچو:S-houسانچو:S-rel
| پيشرو ابو بڪر | خليفه راشد [[634ء|]] () – [[644ء|]] () | جانشين عثمان بن عفان |
سانچو:خلفاء راشدين2
سانچو:وزير صحابه
سانچو:خلفاء راشدين
سانچو:صحابه
زمرا:
- خليفا
- شخصيتون
- عمر بن خطاب
- عرب شخصيتون
- نو مسلمين
- 588ء جون پيدائشون
- 644ء جون وفاتون
- ستين صدي جا خليفا
- مقتول خليفا
(window.RLQ=window.RLQ||[]).push(function()mw.config.set("wgPageParseReport":"limitreport":"cputime":"0.284","walltime":"0.393","ppvisitednodes":"value":3804,"limit":1000000,"ppgeneratednodes":"value":0,"limit":1500000,"postexpandincludesize":"value":116570,"limit":2097152,"templateargumentsize":"value":24749,"limit":2097152,"expansiondepth":"value":13,"limit":40,"expensivefunctioncount":"value":4,"limit":500,"unstrip-depth":"value":0,"limit":20,"unstrip-size":"value":1097,"limit":5000000,"entityaccesscount":"value":0,"limit":400,"timingprofile":["100.00% 275.857 1 -total"," 26.85% 74.074 1 سانچو:اسلام"," 25.02% 69.018 5 سانچو:Navbox"," 24.68% 68.073 1 سانچو:Sidebar_with_collapsible_lists"," 22.44% 61.904 1 سانچو:Infobox"," 20.23% 55.796 1 سانچو:محمد2"," 19.39% 53.501 1 سانچو:Sidebar"," 16.34% 45.088 1 سانچو:حوالو"," 14.60% 40.278 1 سانچو:Cite_book"," 10.63% 29.329 4 سانچو:Navbox_subgroup"],"scribunto":"limitreport-timeusage":"value":"0.036","limit":"10.000","limitreport-memusage":"value":1453554,"limit":52428800,"cachereport":"origin":"mw1257","timestamp":"20190316155525","ttl":2592000,"transientcontent":false););"@context":"https://schema.org","@type":"Article","name":"u0639u0645u0631 u0628u0646 u062eu0637u0627u0628","url":"https://sd.wikipedia.org/wiki/%D8%B9%D9%85%D8%B1_%D8%A8%D9%86_%D8%AE%D8%B7%D8%A7%D8%A8","sameAs":"http://www.wikidata.org/entity/Q8467","mainEntity":"http://www.wikidata.org/entity/Q8467","author":"@type":"Organization","name":"Contributors to Wikimedia projects","publisher":"@type":"Organization","name":"Wikimedia Foundation, Inc.","logo":"@type":"ImageObject","url":"https://www.wikimedia.org/static/images/wmf-hor-googpub.png","datePublished":"2015-10-03T18:28:18Z","dateModified":"2018-07-18T06:45:24Z","image":"https://upload.wikimedia.org/wikipedia/commons/4/43/Umar.png","headline":"u0627u0633u0644u0627u0645 u062cu0648 u067bu064au0648u0646 u062eu0644u064au0641u0648"(window.RLQ=window.RLQ||[]).push(function()mw.config.set("wgBackendResponseTime":131,"wgHostname":"mw1271"););
